Newspaper Articles

حميرا علواڻي !شهيد ڀيڻ سان هڪ وچن

 

اڄ 21 جون تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو جنم ڏينهن آهي، هن 1953ع ۾ اڄوڪي ڏينهن تي جنم ورتو. سندس نالو بينظير معني ”لاثاني“ رکيو ويو ۽ وقت ثابت ڪيو ته واقعي هو لاثاني ۽ بي مثال هئي، جنهن کي دنيا مڃيو، جيڪا پاڪستان جي ڪروڙين دلين تي راڄ ڪندي هئي/آهي بينظير پنهنجي پيءُ جي سياسي وارث هئي، جنهن کي پاڪستان جي غريبعوام سان پيار به پنهنجي پيءُ وٽان ورثي ۾ ملي.

شهيد محترمه بينظير ڀٽو 2 ڊسمبر 1988ع تي هڪ مسلمان ملڪ جي پهرين عورت وزير اعظم جنهن جي عمر ان وقت فقط 35 سال، وزير اعظم پاڪستان جي عهدن جو حلف کنيو، سڄي اسلامي دنيا ۾ اهڙو ڪو مثال ئي موجود ڪو نه آهي ته دنيا جي سڀني کان ننڍي عمر جي وزير اعظم هڪ اهڙي خاتون، جيڪا يارهن سالن جي ڊگهي عرصي تائين فوجي آمريت جي ڏمر، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جو شڪار رهي، آمر کيس جهڪائڻ لاءِ نَنهن چوٽيءَ جا زور لاٿا، پر هو پنهنجي موقف تان نه لٿي ۽ سر تري تي رکي ظلم ۽ ڏاڍ خلاف مسلسل  جدوجهد ڪندي رهي.

 

3 ۽ 4 اپريل 1979ع جي وچ واري رات هڪ دور جو خاتمو ٿيو، وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي ڏني وئي، جنهن کي عدالتي قتل قرار ڏنو وڃي ٿو، بينظير صاحبه ۽ سندس والده کي بار بار گرفتار ڪيو ويو، ڪڏهن کيس ڪراچي ته ڪڏهن سهالا پوليس ڪيمپ ۾، ته ڪڏهن کيس باهه جيان دکندڙ سکر جي گرم جيل ۾ نظربند رکيو ويو، ڏوهه فقط شهيد ڀٽي جي نياڻي هجڻ هو، جنهن آمر سامهون سر جهڪائڻ بدران، ڦاهي جي ڦندي کي چمي شهادت ماڻڻ قبول ڪيو، بينظير صاحبه جي والده نصرت ڀٽو کيس جيل ۾ اهو چيو ته ”تون پنهنجي جواني جيل جي عذابن ۽ سختين ۾ گذاري ڇڏي آهي!“. پر محترمه بينظير ڀٽو جواب ڏنو ته، ”پاڪستان ۾ ڪروڙين ماڻهو مون کي پنهنجو سهارو ۽ ڀرجهلو سمجهيو ويٺا آهن، مون پنهنجي زندگي انهن لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي، هاڻ منهنجي زندگي  هنن جي امانت آهي“.

 

1986ع ۾ شهيد ڀٽو جي اها عظيم نياڻي جڏهن ملڪ موٽي، لاهور ايئر پورٽ تي لٿي ته لکين ماڻهن سندس پروجوش استقبال ڪيو، ڊسمبر 1987ع ۾ آصف علي زرداري سان بينظير ڀٽو جي شادي ٿي، 10 اپريل 1988ع تي اوجهيڙي ڪيمپ جي واقعي کان پوءِ جنرل ضياءَ محمد خان جوڻيجي جي حڪومت ختم ڪري ڇڏي، 17 آگسٽ 1988ع تي جنرل ضياءُ الحق جو جهاز ڌماڪي سان تباهه ٿي ويو، ان کان پوءِ عام چونڊن جو اعلان ٿيو، 16 نومبر 1988ع جي اليڪشن ڏينهن تي پ پ پ جي سوڀ ٿي ۽ بينظير صاحبه بطور وزير اعظم حلف کنيو، ملڪ جيڪو يارنهن سالن جي آمريت ڪري سئو سال پٺيان ٿي ويو هو، ان ۾ اها ترقي عوام دشمن ۽ آمرن کي پسند نه آئي ۽ نيٺ 5 آگسٽ 1990ع تي 23 صفحن جي هڪ چارج شيٽ پڙهي، پ پ پ جي عوامي حڪومت (18 مهينن جي) ختم ڪئي وئي، ان کان پوءِ هڪ نگران سيٽ اپ قائم ڪري، ڌانڌليون ڪري اسٽيبلشمينٽ جي ماڻهن کي اقتدار ڏنو ويو، پر عوامي نمائندا نه هجڻ ڪري کين آخر ٻيهر اليڪشن ڪرائڻي پئي، نيٺ پ پ پ وري 1993ع ۾ اليڪشن کٽي حڪومت ۾ آئي ۽ بينظير صاحبه ٻيو ڀيرو بطور وزير اعظم حلف کڻي جمهوريت آندي، پر آمرن جي ساٿين کي اها ڳالهه پسند نه آئي ۽ ان سازش ذريعي محترمه بينظير ڀٽو جي ڀاءُ مير مرتضيٰ ڀٽو کي قتل ڪرايو ۽ الزام پڻ شهيد محترمه مٿان هنيو ويو، نيٺ تڏهوڪي صدر فاروق لغاري پ پ پ جي حڪومت ختم ڪئي ۽ ان کان پوءِ بينظير صاحبه ۽ سندس وَر آصف علي زرداري مٿان ڪوڙا ڪيس، ميڊيا ٽرائيل شروع ڪري آصف زرداري کي جيل موڪليو ويو، محترمه بينظير،نصرت ڀٽو صاحبه، پ پ پ جي اڳواڻن ۽ ورڪرن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا، نيٺ محترمه بينظير ڀٽو کي پاڻمرادو جلاوطني اختيار ڪرڻي پيئي! 18 آڪٽوبر 2007ع تي جلاوطني ختم ڪري محترمه بينظير ڪراچي پهتي ته ايئر پورٽ تي لکين ماڻهن تاريخي استقبال ڪيو، ان ڏينهن ڪراچي ”بينظير آئي گي، روزگار لائي گي“. جي نعرن سان گونجي اٿيو. 18 آڪٽوبر 2007ع بم ڌماڪن ۾ 150 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ۽ 500 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، محترمه بينظير ڀٽو کي خبر هئي ته سندس جان کي خطرو آهي، حملن جي ملندڙ ڌمڪين باوجود محترمه بينظير حيدرآباد، ميرپورخاص، لاڙڪاڻي، نوابشاهه، جيڪب آباد، رحيم يار خان، مظفر ڳڙهه، ڪوئيٽا، پشاور ۾ عظيم الشان جلسا ڪيا، 27 ڊسمبر 2007ع تي پنڊيءَ جي لياقت باغ جي چونڊ جلسي کي خطاب ڪري نڪتي ته 5:25 منٽن تي جلسي گاهه ٻاهران فائرنگ ۽ ڌماڪن ۾ شديد زخمي ٿي، ۽ دم ڌڻي حوالي ڪيائين، بي بي جي شهادت ڪنهن قيامت کان گهٽ ته نه هئي، يقين ئي ڪو نه آيو پئي ته چند گهڙيون اڳ جلسي ۾ هٿ لوڏي نعرا هڻندڙ، مرڪندڙ، ليڊر اسان جي وچ ۾ ناهي رهي.

 

اڄ 21 جون تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 58 هين سالگرهه تمام گهڻي عقيدت ۽ احترام سان سڄي ملڪ ۾ ملهائي پئي وڃي، اڄ ان جي سالگرهه جو ڪيڪ ته نه ڪٽيو ويندو، پر مون وانگر الائي ڪيتريون ورڪر سندس ساٿي، سندس ٻانهه ٻيلي، ساڳي ڪيفيت مان گذرندا هوندا، اڄ اسان کي سندس ڪميءَ جو احساس ٿي رهيو آهي، اڄ وري سندس مزار آڏو دُعا سان گڏوگڏ پنهنجي دل جا احوال اورينداسين، سچ ته شهيد زنده آهن، اهي شخصيتون اسان کي اهو پڻ سبق ڏين ٿيون ته ڪنهن ڊڪٽيٽر، آمر يا ظالم خلاف حق جو علم بلند ڪرڻ، انهن خلاف وڙهڻ ئي دراصل زندگيءَ جو اصل مقصد آهي.

 

شهيد بينظير ڀٽو جنهن جو منشور ۽ مشن غريبن، هارين، مزدورن، عورتن ۽ مظلومن کي برابري جا حق ڏيارڻ ۽ کين تعليم، صحت ۽ روزگار ڏيارڻ هو، هوءَ جيڪا ملڪ جي واحد اعتدال پسند اسڪالر، خاتون ليڊر هئي، جنهن جي ڪري پاڪستان جو نالو دنيا ۾ مشهور هو، جنهن دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف قدم کڻڻ جو عزم ڪيو، جنهن سياست مان عملي طور تي فوجي مداخلت ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي، هوءَ نه رڳو پاڻ ملڪ واپس آئي، پر نواز شريف لاءِ پڻ راهه هموار ڪيائين، هن اليڪشن شفاف، منصفاڻا ۽ غير جانبدار ڪرائڻ جي گهر ڪئي، پاڪستان کي آزاد، خودمختيار ۽ جمهوري فلاحي ملڪ بڻائڻ جي ڳالهه ڪئي، جنهن ساهه ڏيئي ويساهه ڏنو، اڄ اُن شهيد راڻيءَ جي سالگراهه آهي، اڄوڪي ڏينهن تي اسان عوام سان اهو عهد ٿا ڪريون ته شهيد محترمه جي منشور ۽ ڇڏيل مشن جي تڪميل تائين جدوجهد جاري رکنداسين ۽ جيڪڏهن قرباني ڏيڻي پئي ته اُن جي نقش قدم تي هلندي اُها پڻ ملڪ جي عوام لاءِ ضرور ڏينداسين!

alwani@cyber.net.pk