Newspaper Articles

Are security and intelligence state institutions above the law and beyond accountability? -by Arshad Mahmood

About the author

Jehangir Hafsi

3 Comments

Click here to post a comment
  • بئريسٽر ضمير گهمرو
    جڏهن ملڪن تي آفتون اينديون آهن ته ڏکي وقت کي منهن ڏيڻ لاءِ هو تدبر، نماڻائي، خود تنقيد ۽ خود احتسابي کان ڪم وٺندا آهن، پر هن ملڪ ۾ اهي سموريون خاصيتون سياسي ۽ عسڪري قيادت کان بعيد آهن. هر ڪنهن کي ڀلي ڀت ڄاڻ آهي ته اوڀر پاڪستان جي بنگلاديش ۾ تبديل ٿيڻ کان پوءِ به ڪيتريون جاچ ڪميشن ويهاريون ويون، پر انهن جي مڪمل رپورٽ اڄ ڏينهن تائين عوام ۾ نه لاٿي وئي آهي. ايڏي وڏي سانحي تي هر ڪنهن کي سڀ ڪجهه ڦٻي ويو ۽ بنگلاديش کانپوءِ هن ملڪ جي تاريخ ۾ هن ٻئي وڏي واقعي تي به ڪجهه اِئين ئي ٿي رهيو آهي، فرق صرف اهو آهي ته ان وقت پنجاب وٽ صرف سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ هئي ۽ هينئر سياسي قيادت مسلم ليگ (ن) به آهي. اسلام آباد هينئر به 1971ع وانگر پ پ جي صورت ۾ سنڌين جي حمايت حاصل ڪري رهيو آهي. جڏهن ته لاهور واري اقتدار لاءِ واجهائيندڙ وري قومپرستن کي هٿ ڪيو آهي. سنڌ جي سياسي قيادت هڪ دفعو ٻيهر عالمي آدرشي اصولن ۽ سنڌ جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ بجاءِ اسٽيبلشمينٽ کي هشي ڏئي رهي آهي ته اها بجاءِ هن خطي ۾ نئون ڪردار تعين ڪرڻ جي ساڳي خودڪشي واري رستي تي هلي. پ پ 1971ع ۾ به ائين ڪيو هو ۽ هينئر به ائين ڪري رهي آهي. پنجاب جي سول قيادت سان قومپرستن جي جوڙ توڙ 1971ع کان پوءِ سياست ۾ ايندڙ تبديلين جي ڪري واڌو پهلو آهي، پر هن دفعي به سنڌ اسٽيبلشمينٽ ۽ پنجاب جي سول قيادت وٽ پنهنجو قومي موقف رکڻ بجاءِ سياسي قيادت پاران موقعي پرستي جو شڪار آهي. اها موجوده ڳنڀير صورتحال ۾ حالتن جو صحيح تجزيو ڪرڻ ۽ ان جو هن خطي لاءِ پرامن حل ڪڍڻ کان قاصر آهي ۽ محڪومي جو شڪار غلامن جيان آقا جو منتر پڙهي رهي آهي. هن کي اهو به ادراڪ نه آهي ته هي ملڪ ڪهڙي نهج تي اچي بيٺو آهي، ۽ ڇا جي ڪري بيٺو آهي؟ ۽ ان صورتحال مان نڪرڻ لاءِ کيس ڇا ڪرڻ گهرجي، ان ڪري هو خوشامدي دوست وانگر خود اسٽيبلشمينٽ کي اهڙو رستو ڏيکاري رهيا آهن، جيڪو منزل طرف نه پر وڌيڪ خرابيءَ ڏانهن وڃي رهيو آهي. سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ صلاح ۽ مدد پ پ کان ۽ نواز شريف اقتدار لاءِ واجهائيندڙ قومپرستن کان وٺي رهيو آهي. ٻئي قوتون صورتحال جي ادراڪ کان قاصر آهن. خوف ۽ اقتدار سندن سياست جا اهم پهلو آهن، ان ڪري هو سچ ۽ چڱائي چوڻ کان هميشه قاصر رهيا آهن. هاڻي اچو ته اسٽيبلشمينٽ، پنجاب جي سول قيادت ۽ آمريڪا جي حقيقي صورتحال ۽ بحران جو تجزيو ڪري هن خطي کي بچائڻ لاءِ ڪي ڳالهيون نيڪ روشن ڪيون ۽ پنهنجي عوام کي به ماضي مان سبق پرائي حال ۾ رهڻ ۽ پنهنجو تحفظ ڪرڻ جو گس ڪڍون.
    عالمي ۽ علائقائي صورتحال ۽ ملڪ:
    دنيا 1990ع ۾ سرد جنگ کي خدا حافظ چئي هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي ڪالهه جا دشمن هڪٻئي جا وڏا سڄڻ ٿي ويا. سڄو اوڀر يورپ آمريڪا ۽ اولهه سان ٻٽ ٿيو. سوشلزم ۽ ڪميونزم جهڙا نظريا به Dogma مان نڪري آيا. تاريخ تبديل ٿي وئي پر هي رياست هڪ ته تاريخ ۽ ٻيو سرد جنگ هٿان يرغمال رهي. اڄ به هيءَ رياست تاريخ ۽ سرد جنگ جي اولڙي ۾ رهي رهي آهي. جڏهن ته علائقائي ۽ عالمي صورتحال 1990ع کان تبديل آهي. تبديلي جو مک اصول اهو آهي ته بدليل صورتحال ۾ يا ته اوهان پاڻ تبديل ٿيو يا وري دنيا اوهان کي تبديل ڪري. پاڪستان جي رياست 1990ع کان وٺي 2011ع تائين بدليل علائقائي ۽ عالمي صورتحال ۾ تبديل ٿيڻ کان نابري واري آهي، جنهن ڪري دنيا گڏ ٿي آهي ته کيس هاڻي تبديل ڪجي. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته گهڻي عرصي کان پيل عادت کي ختم ڪرڻ تمام ڏکيو ڪم آهي، پر جڏهن زندگي کي خطرو هجي ته ماڻهو يا ته زندگي کي چونڊيندو يا وري هي جهان ڇڏيندو. هيءَ رياست تاريخ ۽ سرد جنگ جي اولڙي ۽ پاڇي ۾ اڄ ڏينهن تائين ڪيئن رهي رهي آهي، اچو ته ان جو جائزو وٺون.
    پاڪ-ڀارت تعلقات:
    دنيا جا وڏي ۾ وڏا دشمن روس ۽ آمريڪا پنهنجي مفادن لاءِ دشمني ڇڏي دوستي ۾ تبديل ٿي ويا، پر اسين پاڙيسري 1947ع کان مذهب ۽ تاريخ جي هٿان يرغمال آهيون ۽ پنهنجي مفادن کي ذري لاءِ به پوئتي نه ڪري سگهيا آهيون، يا انهن کي هم آهنگ نه ڪري رهيا آهيون. رياست جو بنياد اڄ به تاريخ جي ان ئي فقري تي آهي ته اسين مذهب جي نالي تي جدا قوم آهيون ۽ رياست کي مذهب هجي ٿو، جڏهن ته دنيا بار بار اهو ثابت ڪري چڪي آهي ته مذهب فرد جو عقيدو آهي، رياست بي جان آهي ۽ ان جو ڪو به مذهب نه هجي ٿو، پر 1947ع جي ورهاڱي کي بنياد بڻائي اسين هن خطي ۾ پاڻ کي اڪيلو ڪري ست سمنڊ پري دوستي رکي آهي. پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ نه رڳو تاريخ، پر سرد جنگ جو به نتيجو هو، پر اسين ان مان نڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون، جنهن ڪري رياست جو بحران ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. بجاءِ جو اسين انڊيا سان آمريڪا جي دٻاءَ ۾ اچي تعلقات رکون، اسان کي پاڻ کي پنهنجي طاقت آهر اهي تعلقات استوار ڪرڻا هئا، پر هاڻي ته اها ويل به هلي وئي آهي، ڇو ته 1999ع ۾ نواز شريف-واجپائي ملاقات کي به هينئر 12 سال گذري چڪا آهن. جاگرافيائي حوالي سان ته ڏکڻ ايشيا ۾ پر ذهني حوالي سان وچ اوڀر ۾ رهي رهيا آهيون. بنگلاديش جو مثال ته اسان جي سامهون آهي، جنهن جي سپريم ڪورٽ ملڪ کي سيڪيولر قرار ڏنو آهي. هتي آهي اسان جو عدالتي سرشتو، جيڪو مذهبي جنونيت ۽ انتهاپسندن جو مک مورچو رهيو آهي. ان ڪري هيءَ رياست جيستائين تاريخ جو Baggage (بار) پنهنجي ڪلهن تان نه لاهيندي ۽ وچ اوڀر بجاءِ ڏکڻ ايشيا ۾ رهڻ جو وچن نه ڪندي، تيستائين ساڳي بنگلاديش واري صورتحال کيس لڳي ويندي.
    سرد جنگ ۽ پاڪستان:
    سرد جنگ ته آمريڪي ڊالرن تي وڙهي وئي، پر اربين ڊالر ڪمائيندڙ ڪجهه جنرل جڏهن رٽائر ٿيا ته کين سياست جو شوق ٿيو. پيسو گهڻو ۽ واندڪائي سندن ۾ عجيب ڪيفيت پيدا ڪئي. اهي دنيا جا وڏا دفاعي ماهر ۽ تجزيه نگار سڏجڻ لڳا. روس کي شڪست جون ڳالهيون ڪرڻ لڳا، جن ۾ سرفهرست محترم حميد گل آهي. روس جي شڪست کانپوءِ آمريڪا جي شڪست جون ڳالهيون ٿيڻ لڳيون. آمريڪا اڃان به ايندڙ ڪيترائي سال دنيا جو واحد سپر پاور آهي. جنگي معاشيات جي جڳهه مارڪيٽ معاشيات ورتي آهي. حقيقتن کان ڪٽيل رٽائرڊ جنرلن، ڪرڪيٽرن، دفاعي مبصرن، سيڪيورٽي ادارن کي حقيقتن کان وانجهيل رکي گذريل ويهن سالن کان سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ به ان جي اولڙي ۾ رهڻ پسند ڪيو. آمريڪا بار بار کين چوندو رهيو، هاڻي ٻيلي تبديل ٿيو، معاشيات تي ڌيان ڏيو، ترقي تي ڌيان ڏيو، سياست عوام جي تابع ڪيو. پر رياست جي پاليسي سازن نابري واري ڇڏي. آمريڪا کي شڪست ڏيڻ جون ڳالهيون ٿيڻ لڳيون. آمريڪي مدد کانسواءِ يا ورلڊ بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف جي آشيرواد کان سواءِ بجيٽ به نٿي ٺهي سگهي، پر سپر پاور هنن لاءِ ڪجهه به نه آهي. ڪي ڌريون آهن، جيڪي سمجهن ٿيون ته هتي جيڪي دهشتگرد پناهه ورتل آهن، انهن ذريعي اسين نه رڳو آمريڪا کان هر ڳالهه مڃائي وٺنداسين، پر کيس گوڏن ڀر ڪرڻ تي مجبور ڪنداسين. مسلسل آمريڪي صلاحون ته سرد جنگ، اها ختم ٿي چڪي آهي، اچو ته سنگت ۽ دوستي جا لوازمات تبديل ڪريون. پر هي سمجهن پيا ته آمريڪا اسان کان ڊڄي ٿو! هاڻي جڏهن عسڪري ۽ سياسي قيادت حقيقتن ۽ عالمي ۽ علائقائي صورتحال کان ايترو غافل هجي، هنن جا مفاد عوام جي تابع نه، پر يوٽوپيا تي ٻڌل هجن ته اتي ظاهر آهي ته ائين ئي ٿيندو.
    اسامه واقعو:
    آمريڪا عراق تي حملي دوران“Shock” ۽ “Awe” (خوف ۽ دهشت) واري جنگي حڪمت عملي اختيار ڪئي ۽ هتي به ان تي عمل ڪيو. اسامه واقعي کانپوءِ ملڪي قيادت Shock، صدمي ۽ خوف ۾ هلي وئي، کين ڪو به رستو يا واٽ نه ملي رهي هئي. ڪجهه ڏينهن ته کين ردعمل ڪرڻ لاءِ لفظ به نه هئا، پر آخر جڏهن پاڻ کي سنڀالڻ لڳي ته کيس پتو پيو ته واقعي اسين حقيقت کان ڪيترو پري آهيون. اک کلي ته هنن محسوس ڪيو هوندو ته واقعي اسين وچ اوڀر ۾ نه، پر ڏکڻ ايشيا ۾ ئي رهي رهيا آهيون. فوجي ۽ ٽيڪنالاجي اعتبار کان دنيا کان ڪوهين ڏور آهيون، معاشيات به جهيڙي جهڙي نه آهي، پر وري به هينئر پارليامينٽ جي اجلاس کان پوءِ ٿي اهو ئي رهيو آهي، جيڪو ٿيندو آيو آهي ته ڏوهه آمريڪا جو آهي. معنيٰ ملڪ جي ماڻهن کي State of Denial نه جي حالت ۾ رکڻو آهي. دنيا پڇي رهي آهي ته اسامه اتي ڪيئن ۽ ڪٿان آيو ۽ ڪنهن رهايو؟ اسين چئي رهيا آهيون ته اهو اسان جي اقتدار اعليٰ تي حملو آهي. ڇا 11/9 وارو واقعو آمريڪا جي اقتدار اعليٰ تي حملو نه هو؟ ڇا هيءَ رياست ان کي برداشت ڪري ٿي ته دنيا جي سپر پاور جو نمبر ون دشمن سندن اتحادي ۽ دوست جي گهر مان نڪري؟ اسان جي ڳوٺن ۾ رڳو چور جا پير ڪنهن ڳوٺ جي ڀرسان ويندا آهن ته ان ڳوٺ تي ڪڙو چاڙهي ڀاڳيا ويهي رهندا آهن ته صفائي ڏيو. هاڻي هي هيڏو وڏو دهشتگرد گهر مان نڪتو آهي، سو به سڳ سوڌو۽ اسين چئي رهيا آهيون ته اسان جي چادر ۽ چار ديواري جي بي حرمتي ٿي آهي. ڇا دنيا هن رياست جي اهڙي دليل کي مڃيندي؟ هرگز نه.
    اسامه واقعي کانپوءِ ڊي جي آءِ ايس آءِ جو پارليامينٽ ۾ اهو بيان به حيران ڪُن آهي ته جيڪڏهن اهڙو ٻيو واقعو ٿيو ته ان کي روڪڻ ناممڪن آهي. دنيا گذريل ويهن سالن کان اسان کي ايلاز ڪري رهي هئي ته اوهين تبديل ٿيو، ڇو ته سرد جنگ ختم ٿي وئي، رياست تبديل نه ٿي ۽ هاڻي کيس زبردستي تبديل ڪيو پيو وڃي.
    ملڪي سياست:
    ملڪي سياست پتڪڙن دماغن، ڪرڪيٽرن، رٽائرڊ جنرلن، واپارين، مافيا اڳواڻن جي ور چڙهيل آهي، جيڪي موجوده صورتحال جا عجيب حل پيش ڪري رهيا آهن. هي سمورا اقتدار جي پويان لڳل آهن ۽ سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ کي صلاح ڏيڻ جي پوزيشن ۾ به نه آهن. فيصلا ته پري رهيا، نواز شريف وري چيو آهي ته فوج ۽ ايجنسيون سياست ۾ مداخلت نه ڪن. ڄڻ ان سان ملڪ جا سڀ تضاد حل ٿي ويندا. ڪجهه وقت اڳ فوج جي سربراهه جنرل اشفاق ڪياني اهو بيان ڏنو هو ته ملڪ کي اندروني ۽ ٻاهران خطرا آهن، ان ڪري نه رڳو بلوچستان مان فوج واپس ڪئي ويندي، پر سڄي ملڪ اندر تضاد حل ڪيا ويندا، پر بيانن جي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ لاشن ۽ گمنامين جو سفر شروع ٿيو، جيڪو زور شور سان جاري آهي.
    موجوده صورتحال ۾ نواز شريف کي 1970ع واري صورتحال کي مدِنظر رکندي نئين آئين ساز اسيمبلي جوڙڻ لاءِ چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪرڻ گهرجي ها، جنهن ۾ سمورين Indus states (سنڌو جي رياستن) تي مشتمل هڪ نئين يونين ٺاهڻ جي گهر هجي ها، جيڪي نئين يونين ۾ مڪمل خودمختيار هجن، جن ۾ ڀل ڪشمير، گلگت، بلستان، سنڌ، پنجاب، پختونخواهه ۽ بلوچستان شامل هجن، جيڪي برابري ۽ آزادي بنياد تي گڏ ٿي يورپين يونين وانگر اتحاد ڪن ۽ انهن جي خودمختياري ۽ آزادي جي تحفظ لاءِ گڏيل دفاع جو برابري وارو مڪينزم جوڙيو وڃي، جيڪو هن صورتحال مان نڪرڻ، هن خطي کي مذهبي ڪٽر پڻي کان پري ڪرڻ ۽ ان جا بنياد سيڪيولرزم تي رکڻ ۽ عالمي ۽ علائقائي قوتن جي پيش قدمي ۽ تباهي وارن قدمن کي روڪڻ لاءِ لازمي آهي. پر وري به مسلم ليگ نواز جي اک اقتدار تي آهي، ته جيئن سنڌ مان ڪجهه پنجاب جا حمايتي ڳولي پنجاب جي اقتدار اعليٰ کي دوام بخشجي.
    ڳالهه هاڻي فوج ۽ ايجنسين جي سياست ۾ مداخلت وارن بيانن کان اڳتي نڪري وئي آهي. ڳالهه Indus states جي وچ ۾ نئين معاهدي جيڪو عالمي اصولن جي بنياد تي هجي جي آهي. ان سان ئي هن خطي کي تباهڪاري کان بچائي سگهجي ٿو. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته يورپ ٻه تباهه ڪن جنگيون وڙهي برابري جي بنياد تي گڏ ٿيو آهي ۽ يورپي رياستون ان يونين ۾ مڪمل آزاد ۽ خودمختيار آهن. تاريخ مان سبق پرائڻ جي بجاءِ پنجاب هڪ ڀيرو ٻيهر ساڳي ڪرت کي اڳتي وڌائيندي سنڌ مان سهڪاري ڳولي رهيو آهي. هوڏانهن ڀنڀور کي باهه لڳل آهي، اسٽيبلشمينٽ ۽ پنجاب جي سول ليڊرشپ جو رويو ساڳيو آهي ته بدليل صورتحال ۾ اقتدار اعليٰ ۽ وسيلا سندن هٿن ۾ رهن. پ پ ۽ اقتدار ۽ قومپرست ڀل ته ان جا سهڪاري ٿين، پر سنڌ جو عوام ان ڳالهه کي ورجائڻ چاهي ٿو ته مذهب، ڦرلٽ، بدامني ۽ قبضي جي بنياد تي ڪو به سياسي سرشتو قائم نٿو رهي سگهي. جيڪڏهن گذريل 63 سال هن رياست جي ڪرتائن کي اهو سمجهائي نه سگهيا آهن ته پوءِ سندن Mind set کي ڪير به تبديل نٿو ڪري سگهي. گذريل 63 سالن ۾ سنڌ جي موقف کي ئي ڪاميابي ملي آهي، سنڌ جو برابري، آزادي ۽ سيڪيولرزم وارو موقف نه رڳو صحيح ثابت ٿيو آهي، پر خود اهو پنجاب جي بحيثيت قوم جي مفاد ۾ آهي.
    سنڌ جو موقف:
    سنڌ جو مسلسل اهو موقف رهيو آهي ته حالتن کي هن نهج تي پهچائڻ، Indus states ”سنڌو رياستن“ جي عوام کي اڪيچار اهنج ڏيڻ جون ذميوار اسٽيبلشمينٽ ۽ ان جي ساٿاري سياستدانن جون گذريل 63 سالن جون پاليسيون آهن، جن ۾ رياستن جي خودمختياري جي مذهب جي بنياد تي نفي ڪئي وئي آهي. پاڙيسرين خلاف هيءَ رياست گذريل 63 سالن کان جنگ جي حالت ۾ رهي آهي ۽ سرد جنگ جي خاتمي کانپوءِ به ساڳي خودڪش پاليسي تي عمل پيرا آهي. ان مان نڪرڻ لاءِ سنڌ مسلسل کيس حل آڇيندي رهي آهي ته تاريخ ۽ سرد جنگ جي يرغمالي مان نڪري آزادي، برابري ۽ سيڪيولرزم جي بنياد تي هن خطي ۾ رياستن جي يونين ٺاهي سگهجي ٿي، جيئن يورپ ٺاهي آهي. پر قبضي، ڦرلٽ تي دارومدار رکندڙ ڌريون سنڌ جي عالمي ۽ پرامن آدرشن کي گذريل 63 سالن کان نه سمجهي سگهيا آهن ۽ هن نازڪ موڙ تي به هن موقف کي نه سمجهيو ويو ته هي سمورو خطو عالمي دخل اندازي جي ور چڙهي ويندو ۽ دخل انداز قوتن جا شرط پنهنجا هوندا آهن، اهي مفتوحن جو آواز ڇو ٻڌندا.
    بحران ۽ حل:
    هتي سمورا سياسي پنڊت بحران ته بيان ڪري رهيا آهن، پر حقيقتن کان لنوائي رهيا آهن، جنهن ڪري اسان جي پاليسي وري به ساڳي آهي. صدر، وزير اعظم ۽ چيف آف آرمي اسٽاف آمريڪا سان نرم رويو رکڻ جو ورجاءُ ته ڪيو آهي، پر ملڪي بحران کي مستقل طور حل ڪرڻ لاءِ ڪي به سياسي اپاءَ وٺڻ تي زور نه ڀريو آهي. جيڪڏهن ساڳي پاليسي ته آمريڪا سان سرڪاري سطح تي هڪڙا لاڳاپا رکبا ۽ عوامي سطح تي وري مزاحمت جو پيغام ڏبو، جاري رهي ته ستت ئي اسامه جهڙو ٻيو واقعو رونما ٿيڻ کي روڪي نٿو سگهجي. هينئر تبديل ٿيڻ جي ضرورت آهي، بجاءِ جو ٻيو اچي تبديل ڪري.